SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فئنٽسي - تصوراتي افسانه


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

فئنٽسي - تصوراتي افسانه

(Fantasy)

فئنٽسي، ادبي ۽ باقي فنون لطيفه جي هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جنهن سان هڪ ليکڪ يا مصور خيالي دنيا جون تصويرون ٺاهيندو آهي يا خيالي ۽ علامتي تخيل پيش ڪندو آهي. ليکڪ جي بڻايل تصوير هن جي ذهن جي پيدائش هوندي آهي، پر اهي عملي زندگي ۾ ناممڪن هونديون آهن. فئنٽسي ڪڏهن خيالن، تصورن سان جوڙي ويندي آهي ۽ ڪڏهن وري سائنسي افسانويت سان به پيش ڪئي ويندي آهي، انگريزي ادب ۾ اسپينسر (1552-1599ع) جي The Fairie Queen ۽ جان ملٽن جي Camas بهترين مثال آهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪيئي اهڙا داستان آهن، جيڪي خيالي تصوراتي آهن. مومل راڻي جو طلسمي ڪاڪ محل، ڏند ۾ خزاني جو راز وغيره تصوراتي نظر اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي جديد ڪهاڻين ۾ فئنٽيسي جا اهڃاڻ ملن ٿا. پر ورهاڱي کان پوءِ خاص طور تي عبوري دور جي ڪهاڻين ۾ فئنٽسي جو رجحان ڪافي اهميت رکي ٿو. هن قسم ڪهاڻين/ افسانن ۾ اهڙو ماحول ۽ ڪردار تخليق ڪيا ويا، جيڪي حقيقت ۾ موجود نه هوندا آهن. غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ’آبحيات‘، جمال رند جي ’ماني ڳڀو‘، امر جليل جي ’ڪپيل ٻانهن جو وارث‘ وغيره سنڌي فينٽسي ڪهاڻين جا بهترين مثال آهن.


Remember Me Also:

ڇايا پوڻ

پاڇو پوڻ. جِن جو واسو ٿيڻ. ماٺ لڳڻ ، خاموش ٿي وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal